پيار ۽ سپنا

پيار ۽ سپنا

پيار ۽ سپنا

پيار ۽ سپنا (ڪتاب): هي ڊاڪٽر قاضي خادم جو اصلوڪو ناول آهي، هن ناول جي پيش لفظ ۾ نامياري ليکڪ مراد علي مرزا لکيو آهي ته ”ناول نگار، هن ناول ۾ هڪ ازلي ۽ ابدي حقيقت جي اُپٽار ڪئي آهي، هڪ اهڙي حقيقت، جيڪا هر هنڌ موجود آهي، جنهن جو هر انسان کي احساس آهي ۽ جنهن کان سواءِ زندگي اجائي ۽ بيڪار آهي، اها حقيقت آهي محبت، ٻن انسانن جي پاڻ ۾ محبت، محبت جيڪا تخليق جو سرچشمو آهي......، پر قاضي خادم ماٺ ميٺ ۾ سماج جي ڏکندڙ رڳ تي به قلم جو نشتر هنيو آهي.“
هي ڪتاب ڪرائون سائيز جي 154 صفحن تي مشتمل آهي، ۽ زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد پاران جولاءِ 1977ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو، جنهن جي قيمت ان وقت 6 روپيا هئي. هن ناول جو انتساب قاضي صاحب انهن انسانن جي نانءِ ڪيو آهي، جيڪي پنهنجي اکين جو نُور نچوئي دنيا کي منور ڪندا رهيا آهن.”پياسي“محمد پناهه: محمد پناهه، پياسي، ولد محمد اسماعيل جوڻيجي جو جنم ضلعي لاڙڪاڻي جي تعلقي ڏوڪريءَ جي ننڍڙي ڳوٺ منڌرا ۾ 1963ع ڌاري ٿيو. هي سنڌ جي سدا ملوڪ سگهڙ استاد فقير محمد ملوڪ عباسيءَ جي شاگردن مان اهم سگهڙ آهي. هن 1985ع کان باقاعدي سگهڙائپ جي ميدان ۾ پير پاتو. ٽي وي پروگرامن ۾ شرڪت ڪري، سگهڙ ڪانفرنسون ڪوٺائي پاڻ مڃائي چڪو آهي. هن ڪيترا اوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ حاصل ڪيا آهن. سندس والد به لوڪ ادب جي صنفن ۾ مهارت رکي ٿو.


لفظ پيار ۽ سپناھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو